عادلپور (ن پ ا) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ڪلوڙ ۾  ڪجھه ڏينهن اڳ چورن  جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ڀاڳيي منير احمد ڪلوڙ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي گھوٽڪي عبدالقادر چاچڙ کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن  عبدالغفار ڪلوڙ، عزيز رحمان ڪلوڙ، مجيب رحمان ڪلوڙ، ظهور احمد ڪلوڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  مين چوڪ عادلپور تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته  15 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ  ۾ ناڪام آهي، هنن چيو ته جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ٻي طرف ايس ايچ او قابل ڀيو پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 8 ڏينهن جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو.