مڪو شريف: حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ ادا ڪيو ويندو

0
479

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ ادا ڪيو ويندو، مناسڪ حج جي ادائيگي جي سلسلي ۾ حاجي سڳورا حج سڀاڻي خيمن جي شهر منيٰ پهتا هئا جتي حاجين سڄي رات منيٰ ۾ عبادت ۾ مصروف رهيا، فجر جي نماز کانپوءِ حاجي اعظم وقوف عرفه جي ادائيگي جي لاءِ ميدان عرفات روانه ٿي ويا جتي حج جو اهم رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪندا، حاجي عرفات ۾ مسجد نمره مان حج جو خطبو ٻڌندا، ان کانپوءِ ٻيپهري ۽ ٽيپهري جي نماز هڪ ئي وقت تي ادا ڪندا ۽ پوءِ سج لهڻ کانپوءِ حاجي سڳورا مزدلفه روانا ٿيندا، واضح رهي ته هن سال ڪورونا جي ڪري صرف سعودي ۾ رهيل 60 هزار ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو حج جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن.