ڊي جي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، فوتين جو انگ 34 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي

0
503
At least 28 people were killed and more than 60 injured in a collision between a passenger bus and a truck in Dera Ghazi Khan

ڪراچي(م ڊ) ڊير غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري فوت ٿيلن جو انگ 34 ٿي ويو آھي ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، سيالڪوٽ کان راجنپور ويندڙ بس ڊيره غازي خان ۾ جهوڪ يارو ويجهو تونسه روڊ تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو ڊاڪٽر نيئر عالم جو چوڻ آهي ته بس حادثي ۾ 25 ماڻهو فوت ٿي ويا، حادثي جو شڪار بس ۾ 75 مسافر سوار هئا، حادثي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي ٽيچنگ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي واري جاءِ تان بس ۽ ٽرالر کي هٽايو ويو آهي ۽ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي. جڏھن تھ ڊاڪٽرز پاران حادثي ۾ فوتين جو انگ 34 ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي.