افغانستان اسلام آباد ۾ موجود پنهنجي سفير نجيب الله علي خيل کي واپس گهرائي ورتو

0
272

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) افغانستان اسلام آباد ۾ موجود پنهنجي سفير نجيب الله علي خيل کي واپس گهرائي ورتو، سفارتي عملي کي به پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، افغان پرڏيهي وزارت موجب، سفارتي عملي کي واپس گهرائڻ جو فيصلو افغان سفير جي ڌيءَ سان پيش آيل واقعي جي روشني ۾ ڪيو ويو، ٻئي پاسي پاڪستان افغان سفير کي واپس گهرائڻ وارو افغان صدر جو فيصلو افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري افغان سفير نجيب الله علي خيل سان ملاقات ڪري کيس تحفظ جي خاطري ڪرائي هئي، اميد ته افغان حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان هڪ طرف پاڪستان مٿان سنگين الزام لڳائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي سهڪار جي اپيل ڪري رهيو آهي.