حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن چيو آهي ته پاڪستان جو موجوده نظام مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. وڏن انتظامي يونٽن جي جاءِ تي ننڍا انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ گهرجن. قومي حڪومت به چونڊن ذريعي وجود ۾ اچڻ گهرجي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ بي ضابطگين جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊسٽرڪٽ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته تازو ٿيل مڪاني چونڊون شهري ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ ڪرايون ويون پر ايم ڪيو ايم ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته گذريل 5 ڏهاڪن کان اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سنڌ جي شهري علائقن کي حقن کان محروم رکيو وڃي. 1972ع ۾ مردمشماري ذريعي ڌانڌلي ثابت ٿي جنهن ۾ حڪمرانن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن به طرح سنڌ جي شهري علائقن جي ڊيموگرافي تبديل ٿئي. 2017ع جي آدمشماري کانپوءِ ووٽر لسٽن ۽ تڪبندين ذريعي شهري سنڌ جا حق ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن ڀيري جنهن طريقي سان ڪراچي ۽ حيدرآباد جون تڪبنديون ڪيون ويون تن ۾ انصاف جو انتظار ڪندي کين ٿوري دير ٿي وئي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ به انهن اپيلون داخل ڪيون. ڪنهن به عدالت اهو نه چيو ته اسان غلط چئي رهيا آهيون. اسان جو ڪيس مضبوط هو ته پوءِ سپريم ڪورٽ کي گهرجي ها ته هو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ها. هن چيو ته اسان چوندا رهياسين ته اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ان ڪري ئي اسان اليڪشن تان هٿ کڻي وياسين. پاڪستان جي 98 سيڪڙو آبادي جيڪا ملڪ جي اصل وارث آهي ان جي حقن کي خطرو لاحق ٿيل آهي. هن ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو عوام جا دشمن آهن جن خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي پر جيڪي ماڻهو مدي خارج نظام جا دشمن آهن انهن خلاف رياستي آپريشن ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته حيدرآباد جا حتمي نتيجا اڃا پڌرا نه ٿيا آهن. هاڻي سياسي ڳٺ جوڙ ڪري ميئر جو فيصلو ڪيو ويندو جنهن کي اسان قبول نه ڪنداسين. ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ڪيل غلطيون درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته قومي حڪومت به چونڊن ذريعي اچڻ گهرجي.