ڪراچي: جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ضلعن تي قبضي جا خواب ڏسندڙ  پ پ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ڪري ناهي سگھي،لکين انسان سخت سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بک ۽  اڃ تي ويٺل آهن ، هڪ بيان ۾ هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين وسيلي کٽيل  پ پ حڪومت جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي،  سنڌ جو عوام مطالبو ڪري ٿو ته ڪرپٽ حڪمرانن کي استعيفا ڏيڻ گھرجي، سنڌ ۾ صاف  ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن،