ڪراچي:  پ پ سان لاڳاپيل صوبائي وزير اسماعيل راھو  چيو آهي ته  ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊ ۾ تحريڪ انصاف کي تاريخي  شڪست آئي آهي، جيڪا  عمران خان جي زوال جي نشاني آھي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي باشعور ماڻھن تير تي ٺپو ھڻي بيٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، چونڊ نتيجن مان ثابت ٿي ويو ته عمران خان جي پارٽي ايمپائر جي آڱر کانسواءِ ضلعي ڪونسل جي سيٽ به  کٽي نٿي سگھي.