مٽياري (رپورٽر) مٽياري ويجهو ڳوٺ ڀائو خان واسي نينگر سعيد احمد خاصخيلي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي سعيد کي گيسٽرو هئي جنهن جو علاج هلندڙ هو، جنهن جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس مٽياري اسپتال آندو پئي ويو ته هو فوت ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان مٽياري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گيسٽرو جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي جنهن ڪارڻ روزانو نجي ۽ سرڪاري اسپتالن اندر وڏي تعداد ۾ گيسٽرو جا مريض علاج لاءِ ايندا آهن.