ڀٽ شاھ (رپورٽ: رجب بوزدار) پ ٽ الف جي چونڊ جھيڙي ۾ تبديل ٿي وئي، لڪي شاهه صدر پئنل ڪامياب قرار ڏيڻ تان اليڪشن ڪاميٽي جي ميمبرن کي ڪٽڪو ڏنو ويو، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، بعد ۾ اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين چونڊ نتيجا رد ئي رد ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ پ ٽ الف جي چونڊ ڀٽ شاھ ۾ ٿي گذري، ووٽن جي ڳڻپ بعد اليڪشن ڪاميٽي طرفان لڪي شاھ صدر پئنل جي صدارتي اميدوار غلام رسول مھر ۽ سندس پئنل پاران 179 ووٽ کڻي 4 ووٽن تان ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو. ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار حاجي شفيع محمد سٺيو کي 175 ووٽ مليا، شفيع سٺيو جي شڪست جو اعلان ڪيو ويو ته ھنگامو شروع ٿي ويو ۽ استادن طرفان اليڪشن ڪاميٽي جي نگراني ڪندڙ جھانگير ميمڻ ۽ چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي وئي، جنھن بعد پوليس جي وڏن اٽالن پھچي وڌيڪ جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو، ڀٽائي پينل طرفان احتجاج ڪندي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي اليڪشن ڪاميٽي تي ڌر بڻجڻ جو الزام ھنيو ويو آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار ۽ ڪاميٽي جي سيڪريٽري غلام نبي ٽالپر ڀٽائي پئنل جي عھديدار وٽ پھچي اليڪشن نتيجن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آھي اسان کان زبردستي صحيحون وٺي لڪي شاھ صدر جي پئنل جي ڪاميابي جو اعلان ڪرايو ويو آھي. اسان ان فيصلي کي رد ڪريون ٿا. اسان کي ھراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي فيصلو ڪرايو ويو آهي. اسان ھاڻي ان فيصلي کي رد ڪري رھيا آھيون، اھڙي اعلان بعد پ ٽ الف جون چونڊون تڪراري ٿي ويون آھن.