مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ سنڌ سان درد جو رشتو جي سري هيٺ  ٿري ماروئڙن ريلين،  تلوارن ۽ ڏنڊين تي رقص ۽ راڳ رنگ جي رنگا رنگي محفلن ذريعي ايڪتا عيد ملهائي، ڪالهه راجپوت برادري روايتي لباس ۾ تلوار ۽ ڏانڊين تي رقص ڪندي روڊن تي نڪري آئي ۽ سندن تلوارن ۽ ڏانڊين تي رقص عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو، ڏاڏا اڪبر درس پاران نوجوان شاگرد کي گهوٽ جا شادي وارا موڙ ٻڌرائي دهل تي رقص ڪيو، ايڪتا ڏينهن تي  سياسي سماجي تنظيمن ۽ مختلف اسڪولن جي شاگردن توڙي برادرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، ريلين ۾ ٿري ماروئڙن قومي گيتن تي خوب رقص ڪيو، ريلين ۾ مقامي چونڊيل نمائندن ،سياسي سماجي اڳواڻن ، واپارين ، ٿري فنڪارن ۔  مختلف برادرين جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته علي قاضي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو آغاز ڪري سنڌي قوم کي سجاڳ ڪيو، اسان ان ڏينهن کي هر سال قومي عيد طور ملهائڻ جو وچن ورجايون ٿا، هنن چيو ته سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائينداسين.