حيدرآباد: ٻوڏ متاثرين بحالي ڪميٽي پاران ايڪتا جي حوالي سان نسيم نگر ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي آفيس ۾ صوفياڻي محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ صوفي فورم جي ڊاڪٽر بدر چنا، سجاد ڪوهستاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جي لاپرواهي  ۽ غفلت سبب لکين سنڌي ڪئمپن ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن، اڳواڻن پڌرنامو جاري ڪندي مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ سندن ڳوٺن توڙي زمينن مان پاڻي نيڪال لاءِ جنگي بنيادن تي اپاءُ ورتا وڃن، جڏهن ته ٻوڏ متاثرين کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي گرم ڪپڙن جو بندوبست ڪيو وڃي.  اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي 300 نوجوانن خلاف داخل ڪيس جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪيس فوري طور تي واپس ورتو وڃي. اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته رني ڪوٽ قلعو سنڌ جو عظيم سرمايو آهي. هاڻوڪي مها ٻوڏ سبب ان کي نقصان رسيو آهي ان لاءِ حڪومت رني ڪوٽ قلعي جي بحالي ۽ سن کان رني ڪوٽ تائين روڊ هنگامي بنيادن تي تعمير ڪرائي.