ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ سنڌ سان درد جو رشتو جي سري هيٺ ايڪتا ڏھاڙو ملهايو ويو، ان ڏس ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران سٽي پريس ڪلب آڏو مک تقريب ٿي جنهن ۾ مشھور فنڪارن خوشبو لغاري، الھه ڏنو جوڻيجو ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، هوڏانهن وساڻ ھائوس تان شاھنواز وساڻ، مير محمد وساڻ، دريا خان مري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پراڻي ميرپور مان گل حسن پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪوري فاٽڪ تان ايس يو پي اڳواڻ منظور ميمڻ، جسم جي عابد ڪوري، جرواري تان جسقم جي ڄام منور سمون، سمير لغاري، پي ٽي آءِ جي اي ڊي لاکو جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪتيون جيڪي مک تقريب ۾ شريڪ ٿيون، تقريب ۾ نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪيو، ٻئي پاسي ميرپورخاص جي مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ ايڪتا جون تقريبون ٿيون، جتي شاگردن ٽيبلوز ۽ اسٽيج ڊراما پيش ڪيا جڏهن ته تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا، تقريبن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته علي قاضي ايڪتا ڏڻ ملهائڻ جو آغاز  ڪري ڪروڙين سنڌين کي سجاڳ ۽ گڏ ڪيو آهي.