اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آھي ته عمران خان جو بيان پارلياماني جمهوري نظام تي حملن جو تسلسل آھي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي سياست جو مقصد فقط اقتدار جي حاصلات ۽ ان لاءِ رستو ٺاهڻ آھي،  عمران خان اقتدار چاهي ٿو ڀلي ان سان ملڪ جا بنياد ڪمزو ٿي وڃن