مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي جي سومرا پاڙي جي رهواسي محمد محرم ڪنڀر جي   14 ورهين جي  ڌيءُ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آسيا ڪنڀر 15 ڏينهن اڳ  اسڪول کان گهر ايندي اغوا ٿي وئي، ان حوالي سان مٺياڻي ٿاڻي تي نينگري جي ڀاءُ  امتياز ڪنڀر جي فرياد تي  عمران نواز تي چلڊرين ايڪٽ تحت اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او مٺياڻي اڪرم علي جانوري ٻڌايو ته   آسيا جي ڀاءُ امتياز علي ڪنڀر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جلد نينگري کي بازياب ڪرايو ويندو.