ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب  لڳ ڳوٺ ولي محمد سولنگي ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ ڪري  پورھيتن جا 7 گھر سڙي ويا، باھ لڳڻ سبب  پورھيتن عثمان سولنگي، مٺل سولنگي ،واحد بخش سولنگي ،عيدن سولنگي ، رمضان سولنگي ،يعقوب سولنگي ۽ خدابخش سولنگي جا مڪمل گھر سڙي ويا، جڏھن تہ گھرن ۾ پيل ڪڻڪ، بسترا ،کٽون ،ڏاج ۽ ٻيو سمورو سامان پڻ خاڪ ٿي ويو،  اطلاع باوجود فائربرگيڊ گاڏي نہ پھتي،  متاثرکلي آسمان ھيٺ ويٺل.