ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو مجيداڻو ۾ باھ لڳڻ سبب ٽن پورھيتن صديق مجيداڻو، قاسم  مجيداڻو ۽ پپن مجيداڻو جا گهر سڙي خاڪ ٿي ويا، ان حوالي سان  ڳوٺاڻن موجب ته  باھ لڳڻ سبب ڪکاوان گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويا آھن، گھرن ۾ پيل روڪ رقم، ھنڌ، کٽون ۽ ٻيون گھريلو سامان پڻ خاڪ ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.