حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پريٽ آباد واري علائقي مان نوجوان ناري پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي جنهن بعد سندس وارث  سخت پريشان آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 21 مئي تي شام جو 18 سالن جي ريا الياس شاهه پاڙي ۾ وڃڻ جو چئي گهران نڪتي جيڪا واپس نه موٽي جنهن بعد سندس وارثن پاران مٽن مائٽن به ڳولا ڪئي وئي آهي پر ناري جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. ناري جي والده صابره الياس جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي نياڻي کي دڙڪا ڏنا هئا جنهن بعد هو ڏکاري هئي ۽ پاڙي ۾ وڃڻ جو چئي نڪتي جيڪا اڃا تائين واپس ناهي موٽي. ناري جي والد جو چوڻ آهي ته هن سندس گمشدگي بابت پڃاري ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي والده جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪري ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ناري جنهن ڏينهن گم ٿي هئي ان ڏينهن سندس هڪ مائٽ نوجوان به پراسرار نموني گم ٿيو آهي. چئوٻول آهن ته ناري ڪٿي ان نوجوان سان پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتي آهي. هوڏانهن ناري جا وارث بيحال آهن ۽ انهن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن سندن گم ٿي ناري جو ڪو ڏس پتو ملي سگهي.