ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي مرڪزي امام بارگاهه کان سيد منظور شاهه، سيد ثابت علي شاهه، سيد شير محمد شاهه لڪياري جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جڏھن تہ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ اصغريه علم و عمل تحريڪ پاڪستان يونٽ ميھڙ طرفان  المھدي سينٽر حيدري امام بارگاھ مدرسه امام حسين عه تي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنھن کي مولانا توصيف علي،سيد صادق رضا تقوي  خطاب ڪيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ويا.