حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 2 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح جا 7 ماتمي پڙ نڪرندا. عزادار رابطا ڪاميٽي حيدرآباد جي چيف  آرگنائيزر زوار عبدالستار درس جي پڌرائي موجب پشاوري پاڙي تلاءُ نمبر 3 تان علو سپاهيءَ جو پڙ علو فقير جي زير اهتمام، درگاهه نهال شاهه کاهي روڊ تان نهال شاهه جو پڙ گل شير شاهه جي زير اهتمام، ڇوٽڪي گهٽي وٽان ڀوچالي شاهه جو پڙ جاويد علي صبحپوٽو جي زير اهتمام، اسٽيشن روڊ تان مرحوم يعقوب ڪاسائيءَ جو پڙ شهنشاهه پٺاڻ ۽ گلفام پٺاڻ جي زير اهتمام، حسين آباد مان مختيار جو پڙ سڪندر پٺاڻ جي زير اهتمام، ميرن جا قبا هيرآباد وٽان مرحوم امير بخش مغل جو پِڙ لالا نوروز مغل جي زير اهتمام ۽ ٽنڊو مير نور محمد لطيف آباد نمبر 4 مان الهبچايو ٻٻر جو ماتمي پڙ برآمد ٿيندو. اهي پڙ پنهنجي مقرر ڪيل رستن ۽ پڙن تان ٿيندا رات جو دير سان ساڳين پڙن تي اچي نهر ٿيندا.