ميھڙ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ تي“سنڌ سان درد جو رشتو” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان بعد  ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي اسڪولي ٻارڙن کي گرم ڪپڙا ڏئي ايڪتا ڏهاڙي  تقريبن جو آغاز ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ميھڙ جي سماجي اڳواڻن جان محمد جھنڊير ، احسان علي سومرو ، شفيق احمد جھتيال ، فراز احمد چنه، وڪيل رضوان حيدر تنيو، ماجد پنھور ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين منظور مھيسر، مير صابر ڪولاچي ، سڌير احمد چانڊيو، شاھد مھيسر ، رياض سومرو، ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو ۽ ٻين پاران ٽائيم نيوز ميھڙ جي رپورٽر عبدالرحمن قمبراڻي سان گڏ (سنڌ سان درد جو رشتو) جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي شروعات ڪندي ٻوڏ متاثر علائقن جي 100 کان وڌيڪ شاگردن کي گرم ڪپڙا سئوٽر ، جرسيون ۽ مفلر ڏئي ثقافتي تقريبن جو آغاز ڪيو آھي، ان حوالي سان اڳواڻن چيو ته  ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي  جي سڏ تي“سنڌ سان درد جو رشتو” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان تحت اسين 4 ڊسمبر تي ميھڙ واسي ٻوڏ متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن سان ايڪتا جو اظهار ڪنداسين.