چڪ (ن پ ا) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين عمران علي بگڙو مهر ۽ شيرل مهر وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو.  فائر5نگ ۾ هڪ ڄڻو زبير پٽ شيرل مانجهاڻي مهر قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي ڌر جا ٻه ڄڻا حفيظ الله مهر ۽ ڪامران مهر شديد زخمي ٿي پيا. جن کي لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتان سکر موڪليو ويو. پوليس نوجوان جو لاش هٿ ڪري لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. زبير مهر جو لاش چڪ جي ناڪي نمبر ٽي ڀرسان گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب خوف حراس ڇائنجي ويو. ٻئي ڌريون چڪ شهر واسي هئڻ ڪري شهر ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو وڃي ٿو. ڌرين پاران زمين تي مالڪي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، شيرل مهر جو چوڻ آهي ته پٽ کي بلاجواز قتل ڪيو ويو آهي، جوابدا بااثر آهن، ڪوئي ٻڌڻ وارو ناهي، انصاف ڏياريو وڃي هوڏانهن ٻي ڌر جي عمران علي مهر جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي موروثي ملڪيت تي ڪڻڪ جي پوکي ڪري رهيا هئاسين ته شيرل مهر هٿياربند وٺي اچي اسان جو هر بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جا ٻه نوجوان حفيظ الله مهر ڪامران علي مهر زخمي ٿي پيا هن جي پٽ کي پنهنجي ساٿين کان گولي لڳي آهي اسان کي خون ۾ ڦاسائي زمين ڦٻائڻ چاهي ٿو. اسان جو هن سان ڪوئي تڪرار يا ذاتي رنجش نه آهي.