ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ لڳ ساجن ڪوٽ ڌونيئرو ۾ جاني سانول ۽ شاهه محمد ڌونيئرو جي ميزباني ھيٺ ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڏاندن جي گوءِ ڪرائي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين علي گل ڌونيئرو، رستم شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گوءِ ۾ خفتين ۽ شوڪينـن نياز ڊوگر، مامل بروھي، محمد قاسم، ماجد آرائين ۽ ٻين جي 10 کان وڌيڪ ڏاندن گوءِ ۾ حصو ورتو، جتي ڏاندن کي ھر ٻڌي زمين کيڙي ڀرپور داد وصول ڪيو ويو، گوءِ جي آخر ۾ ميزبانن پاران ڀلوڙ جوڙن جي مالڪن کي سنڌ جي ثقافتي ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا ۽ گهرو ڪئي وئي، ٻئي پاسي ايڪتا ڏينهن ويجهو ايندي ئي سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن جي خريداري عروج تي پھتل آهي، جڏهن ته دڪاندارن اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن.