گهوٽڪي (رپورٽر) روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران ”سنڌ سان درد جي رشتو“ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي پاران پريس ڪلب گهوٽڪيءَ ۾ ايڪتا مشاعرو منعقد ڪيو ويو. مشاعري ۾ گهوٽڪي ضلعي جي ناليوارن شاعرن برسات متاثر ماروئڙن جي دردن جي ڪٿا بيان ڪئي ۽ پنهنجي خوبصورت شعرن ۾ سنڌ سان محبت جا رنگ وکيري ڇڏيا. سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي جي سيڪريٽري اياز لطيف دائي روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي جا اديب ۽ شاعر پنهنجي اخبار، ٽائيم نيوز ۽ ٻوڏ متاثرن سان گڏجي ايڪتا ڏهاڙو ملهائيندا. ان موقعي تي عارف حسين شاهه، اياز لطيف دايو، قاضي محبوب، حامد علي حامد ڪلوڙ، خدا بخش عاجز عباسي، رياض مهر، عبدالحئي ڀٽو، رئوف پارس دايو، عبدالسميع وسير، سڪندر اوڳاهي، علي منصور آسي ۽ ٻين ايڪتا جي حوالي سان پنهنجي شاعري پيش ڪئي.