ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گھاڙي روڊ مھدي ڪالوني ۾ نوجوان ناري کي مبينه اغوا جي ڪوشش تان گاڏھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي  دوران ڏنڊا، ڪهاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻن ڀائرن ۽ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ طارق حسين گاڏھي، قمرالدين گاڏھي عورتن ۾ مسمات نازان خاتون زال نظام الدين مسمات بختاور زال محمد ايوب گاڏھي ۽ مبينا اغوا کان بچي ويل ناري فاطمه ڌي محمد ايوب گاڏھي شامل آھن. زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو ۔ جتي طبي امداد بعد 3 ڄڻن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ ٻڌايو ته محمد عالم گاڏھي، نادر، سراج، معظم، آعظم، پنھل ۽ منٺار سميت 8 جوابدارن ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون کڻي حملو ڪيو ۽ سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن نياڻي فاطمه خاتون کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس رڙين تي پاڙي وارن پھچي ڇڏايو. ان کان پوء جوابدارن حملو ڪري اسان مٿان تشدد ڪيو آھي جوابدارن گھر مان ھڪ لک روڪ رقم، ھڪ تولا سون ۽ لائيسن واري بندوق به کڻي ويا آھن. ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. واقعي جي اين سي دخل ڪئي وئي آھي ھنن پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جي گھر ڪئي آھي