ڪراچي (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا زرنش خان مداحن کي سبق ڏنو ته زندگي سمجهوتن کان بغير نه هلي سگهندي آهي ۽ ان ۾ ڪو حرج ناهي ته زندگي ۾ سمجهوتا ڪيا وڃن. اداڪاراانسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪندي پنهنجي چاهيندڙن کي زندگي ۾ سمجهوتن جي اهميت بابت سبق ٻڌايو. هن جيڪا تصوير شيئر ڪئي، ان ۾ هڪ ماءُ پنهنجي ڌيءُ جا ڳوڙها صاف ڪندي کيس سمجهوتي جو سبق ڏيندي نظر پئي اچي. اداڪاراڄاڻايل تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ان بابت هوءَ پنهنجا وچار پڻ ونڊڻ ٿي چاهي ته سمجهوتن بابت هر ڳالهه جو غلط مطلب ڪڍڻ درست ناهي هوندو. هن سوال ڪندي لکيو ته سمجهوتن بابت ڪجهه جاين تي غلط خيال ڇو پيش ڪيا ويندا آهن؟ يا ان کي غلط ڇو ڄاتو ويندو آهي؟ زرنش خان لکيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو حرج ناهي ته اهو سمجهي اڳتي وڌڻ گهرجي ته سمجهوتن کان سواءِ زندگي اڳتي نٿي هلي سگهي يا اڳتي نٿي وڌي سگهي. هن وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن ڄاڻايل تصوير ۾ ڌيءُ جي جاءِ تي پٽ هجي تڏهن به  اها حقيقت ئي رهندي ته سمجهوتن کان سواءِ زندگي اڳتي نٿي وڌي سگهي.