ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ ڌيءَ فوت، 4  زخمي، ان ڏس ۾ بلديه ٽائون جي فيلڊ مارشل اسڪول وٽ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ورهين جي عذرا ۽ سندس 4 ورهين جي ڌيءَ زويا فوت ٿي ويون. پوليس موجب ملبي هيٺان 4 زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي واسين موجب ڇت زوردار ڌماڪي سان ڊهي پٽ پئجي وئي، ايئن لڳو ته بلڊنگ ۾ گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو، علائقي ۾ گيس ليڪيج جو مسئلو به هلندڙ آهي.