ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ هڪ سال اڳ قتل ٿي ويل نوجوان نظر حسين ٻگھيو جي ڀاءُ مظھر ٻگھيو ۽ اطھر حسين  ٻگھيو قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. هنن دانھيو ته ٻه سال پهرين منهنجي ڀاءُ کي جوابدارن بيدردي سان قتل ڪيو ھو جنھن جو ڪيس عدالت سڳوري ۾ ھلندڙ آھي ڪيس جي فتوا جلد اچڻ واري آهي ھنن الزام ھڻندي چيو ته جوابدار طالب ٻگھيو جا پٽ شاھد ۽ مجاهد ٻگھيو ۽ جوابدار منظور ٻگھيو جا پٽ نياز ۽ اياز ٻگھيو ۽ جوابدارن جا سھولتڪار علي گل ۔ اڪبر آصف۔  مسلم ۽ ٻيا اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ته ڪيس جي فتوا ۾ اسان جي وڏن کي سزا آئي ته اسان توھان جي گھر تي حملو ڪنداسين.