شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت چوري جي نيت سان گھر ۾ گھڙڻ  جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي، ڳوٺ الياس ڪيريو واسي عبدالخالق پاران چوري جي نيت سان گهر ۾ گهڙڻ جي الزام هيٺ سرهاري ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ياسين مري جي فرسٽ سول جج شفيق احمد کرل جي عدالت ضمانت منظور ڪئي،