ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ بد امني خلاف واپارين جي بک هڙتال جاري رهي. ڪڪڙ وڪرو ڪندڙ پورهيتن کان کورواھ بٺورو روڊ تي مسلسل 12 ڦر جون وارداتون ٿيڻ باوجود ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آهي. بک هڙتال ڪئمپ تي ٽائون ڪاميٽي ميرپوربٺورو جي اڳوڻي وائس چيئرمين ماما صديق سوهو، شهري اتحاد جي فقير محمد علي خواجه، تحريڪ لبيڪ جي غلام مصطفيٰ ڪڇي، اختر ڪڇي، سرباز گروپ جي شاهجهان لغاري، تابع علي ۽ ٻين شرڪت ڪري ڪوڪڙي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، مظاهرين چيو ته ميرپوربٺورو پوليس نااهلي جي حد ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب هاڻي غريب پورهيت به محفوظ ناهن رهيا، هنن چيو ته ڪوڪڙي پورهيتن کان 12 ڦر جون وارداتون ٿيون آهن ۽ سندن هڪ پورهيت رشتيدارميوو ڪوڪڙي کي ڦر جي ڪوشش دوران قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن سرعام گهمي رهيا آهن ليڪن پوليس پاران نه ئي سندن فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪئي پئي وڃي نه ئي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ محرم الحرام کان پوءِ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.