ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري جي عيد گاهه محلي جي رهواسين اياز علي راشد علي جي اڳواڻي ۾ بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته 14 ڏينهن کان سڙيل ٽراسفارمر ڪالهه سيپڪو وارن ٻيهر لڳايو جيڪو هڪ رات به نه هلي سگهيو. محلي واسي سخت گرمي سان منهن ڏئي رهيا آهن، ٽرانسفارمر ٺهرائي لڳرائي ڏنو وڃي،  نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.