ميھڙ(ن پ ا) بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ تي ميھڙ جي صحافين عبدالستار چنه، شڪيل عطار ، عمران تيوڻو مٿان دھشتگردي جي ٿيل ڪوڙي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ميھڙ جي صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن فراز چنه ، عامر عطار ، احسان جانوري ، منظور جويو سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل تعلقه ميھڙ جي صدر عبدالرحمن قمبراڻي ، ايڇ ، يو ، جي، ضلع دادو جي ڊپٽي سيڪريٽري  عامر تيوڻو، ابوذر ٻگھيو ، خالد آڳرو ۽ ٻين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو ۔  اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۾ ٿيل بدامني ڦرن ۽ ڌاڙن وارن واقعن خلاف حق سچ لکڻ ۽ مظاھرن ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڏوهه تي ميھڙ پوليس سياسي ونگار وهندي صحافين مٿان دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنھن عمل جي پرزور لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ھن چيو تہ آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ھن واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف نموني جانچ ڪري صحافين مٿان ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌائي ويندي.