ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) گھوٽڪي پوليس ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو دھشتگردن جو منصوبو ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، ايس ايس پي گھوٽڪي جي ترجمان موجب ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏنو ماڪو ويجھو دھشتگردن ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو منصوبو جوڙيو، ڳجھي اطلاع تي پوليس ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل جي سربراھي ۾ پھچي ريلوي پٽري تي نصب ڪيل اڍائي ڪلو گرام بارودي مواد ھٿ ڪري دھشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏھن ته گذريل ڏينھن سکر کان بم ڊسپوزل اسڪوارڊ پھچي علائقي جو سرچ آپريشن ڪري علائقي ۽ ريلوي ٽريڪ کي ڪلئر قرار ڏنو ۽ ھٿ آيل اڍائي ڪلو بارودي مواد کي پڻ ناڪارا بڻايو، ايس ايس پي گھوٽڪي جي ترجمان موجب ان واقعي جي مختلف پھلوئن کان جائزو ورتو پيو وڃي.