مانجهند (ن پ ا) مانجهند ڀرسان ڳوٺ درگاهه شاهه اويس قرني ڳوٺ مان گذريل 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان مبينا اغوا ٿيل عورت مسمات تهمينه رونجهو بازياب نه ٿي، جنهن خلاف وارثن عورتن ٻارڙن سميت ڳوٺ شاهه اويس قرني کان پنج ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري انڊس هاءِ وي تي پٿرن جون رڪاوٽون وجهي نٽھڻَ اس ۾ ڌرڻو هنيو. جنهن سبب سيوهڻ ڄامشوري روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنهن سبب مظاهرين ۽ مسافرن ۾ جهڙپون پڻ ٿيون. جڏھن ته ڌرڻي ۾ عورتن منهن مٿو پٽي جوابدارن کي پٽون پاراتا پڻ ڏنا. گرمي لڳڻَ سبب 3 عورتون اميرزادي، گلزادي، روبينا بي هوش ٿي ويون، جن کي اسپتال موڪلي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي تهمينه جي ماء الهبچائي رونجهو ڀاء امين رونجهو نياز حسين رونجهو غلام حسين رونجهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيل عورٿ کي انتظاميا بازياب نه ڪرائي سگهي آھي مک جوابدارذوالفقار جوڳياڻي گلشير جوڳياڻي سميت 5 جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، خدشو آھي ته نياڻي کي قتل نه ڪيو وڃي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيوت تهمينه کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي پاسي ايس ايچ او محمد صادق سولنگي ڌرڻي واري ھنڌ پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو جڏھن ته ايس ايچ او مانجھند ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيل جوابدارن مان 4 کي گرفتار ڪيو آھي جلد عورت کي بازياب ڪرايو ويندو.