مٺياڻي/ نوان جتوئي (نمائندن وٽان ) مٺياڻي مورو روڊ تي دونگهه موري اسٽاپ وٽ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار مٺياڻي واسي 2 ڄڻا فوت، ٻنهي فوتين جا لاش مٺياڻي اسپتال منتقل ڪيا ويا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. مٺياڻي مورو روڊ تي دونگهه موري اسٽاپ وٽ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ اسماعيل ڪوريجو واسي 50 سالن جو عبدالحليم ڪوريجو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مٺياڻي واسي سليم مستوئي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهروفيروز نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻنهي فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. ٻئي پاسي ايس ايچ او مٺياڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جلد حادثي ۾ ملوث ماڻهن تائين پهچي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.