ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو کاھي جي علائقي مان مبينا اغوا 9 ٿيل نينگري بازياب نه ٿي، وارثن پاران پوليس تي جوابدارن سان ٻٽ هئڻ جا الزام. ميرپورخاص ويجهو کاهي جي ڳوٺ مصري خاصخيلي مان 9 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل 13 ورھين جي مھناز خاصخيلي بازياب نه ٿي سگهي، سندس پيرسن والد جمون ۽ امڙ شھناز سندس بازيابي لاءِ ايوان صحافت ميرپورخاص پھچي ويا. ھنن چيو ته علائقي جي بااثر ساٿي ھٿياربندن سميت رات جو گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي اسان جي معصوم نياڻي مھناز کي ھٿيارن جي زور تي زبردستي کڻي ويا آھن، 9 ڏينهن گذرڻ بعد کيس آزاد ناھي ڪيو ويو. پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي وس وارا اسان جي مدد ڪري معصوم نياڻي کي بازياب ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ معصوم ٻچن سميت ايس ايس پي سانگھڙ آفيس آڏو مرڻ گھڙيءَ تائين ڌرڻو ھنيو ويندو.