چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ۾ ٽي هفتا اڳ بجلي جي ٿنڀي ۾ وچڙي زخمي ٿيل نوجوان محمد صفر ملاح جي وارثن سيپڪو نارا جي ايل ايس عبدالغفار جوڻيجو ۽ گرڊ انچارچ چونڊڪو خلاف گل نواز ملاح، محمد جمن ملاح، ظفر علي ملاح، علي شير ملاح جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي سيپڪو عملدار پرائيويٽ بجلي جو ڪم ڪرائيندا هيا ۽ هن کي بجلي ٺاهڻ لاءِ ٿنڀي تي چاڙھي بجلي چالو ڪئي، جنهن سبب هو ٿنڀي ۾ ڦاٿل رهيو ۽ بعد ۾ ھن کي زخمي حالت ۾ لاهي گمس اسپتال گمبٽ ۾ پهچائي ۽ بعد ۾ ڪراچي جي پٽيل اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏي هليا ويا آهن، هنن چيو ته سيپڪو وارن زخمي نوجوان مٿان بجلي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، سيپڪو وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.