پٿورو (ن پ ا) پٿورو ڀرسان ٽن ٻارن جي ماءُ نو مسلم جميلا شيخ مبينا اغوا ٿي وئي، مليل ڄاڻ موجب جوابدار عبدالڪريم چوھان به شادي شدا ٽي ٻارن جو پي آھي، اغوا ڄاڻايل جميلا شيخ ۽ مڙس دلشاد شيخ اڳ ۾ ھندو ذات جا اوڊ پراڻا نالا لڇمي ۽ ھيرو هئا، سال اڳ مڙس ۽ ٻارن سميت اسلام قبول ڪيو هو جميلا جي مڙس دلشاد شيخ احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان عمرڪوٽ شھر جا رھاڪو آھيون ھينئر اسان پٿوري شھر جي ڀرسان سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندا آھيون گذريل ڏينهن منهنجي زال جميلا خريداري لاءِ شھر وئي هئي جتان واپس ناهي موٽي جنهن جي ڳولا پڻ ڪئي پر ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو. دلشاد شيخ الزام ھڻندي چيو ته بٺي مالڪ عبدالڪريم چوھاڻ منھنجي زال کي ورغلائي اغوا ڪري ويو آهي، جنهن جو پٿورو پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پٿورو پوليس موجب جوابدار جي ڳولا جاري آهي. فريادي دلشاد شيخ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.