ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيٺو بجير ۾ 7 ڏينھن اڳ 4 جوابدارن 18 سالن جي ناري ليلا ڪولھي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري بعد ۾ کيس زيادتي جو نشانو بڻايو، جنھن خلاف ٻين جوابدارن جا نالا شامل نه ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف متاثر نينگري ۽ سندس مائٽن پريس ڪلب اڳيان روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي متاثر نينگري ليلا ڪولھي جو چوڻ ھو ته 19 اپريل جي رات دير سان 4 جوابدارن تنوير ھاليپوٽو، محمد علي ھاليپوٽو، نيل ڪولھي ۽ وڪي ڪولھي ھٿيارن جي زور تي گھران زوري اغوا ڪري اڻڄاتل ھنڌ رکي نشو پياري زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته ڪنھن کي ٻڌايو ته جان سان ماري ڇڏينداسين. ان موقعي تي سندس والد پار خان ڪولھي صحافين اڳيان دانھيو ته منھنجي نينگري کي 4 جوابدارن اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو، ٻي رات ڪامريڊ مانو ڪولھي، ڀورو ڪولھي ۽ سندس زال گھر ڇڏي ويا ۽ اغوا ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنھن بعد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين جتي منشي ميوو ڪولھي پنھنجي مائٽن کي بچائيندي 4 جوابدارن خلاف زيادتي جو قلم ھنيو آھي، پر اغوا جو قلم شامل نه ڪيو ھنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ اغوا جو قلم شامل ڪري جوابدارن سان مليل مانو ڪولھي، ڀورو ۽ سندس زال جو نالو به شامل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.