ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ عورت کي اغوا ڪري ڀيڻويي سميت 3 ڄڻن پاران زيادتي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل، ھڪ جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾   ميرپورخاص جي علائقي ريلوي اسپتال واسڻ عورت شانتي جوڳي مڙس سميت وومين ٿاڻي تي پھچي الزام هڻندي چيو هو ته  ڪنري واسي سندس ڀيڻويي رميش ڄوڳي 2 ڄڻن پنھون ۽ ابراهيم منڳريو سان گڏ گھر مان اغوا ڪري پنھون منڳريو جي اوطاق تي رکي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، سندس اھڙي فرياد تي وومين پوليس ٽنھي جوابدارن رميش ، ابراھيم ۽ پنھون منڱريو تي ڪيس داخل ڪري ھڪ جوابدار رميش کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان  وومين پوليس جي ايس ايچ او مومل لغاري پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته عورت جي فرياد تي اھڙو ڪيس داخل ڪري ھڪ جوابدار رميش کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.