ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ نذير لنڊ ۾ گھر جي ڇت ٺاھڻ دوران گارڊر ڪري پيو، 5 ورھين جو معصوم ٻارڙو علي احمد ماڇي دٻجي فوت ٿي ويو. وارثن پاران معصوم جي لاش کي سول اسپتال آندو ويو جتان موت جي تصديق بعد لاش ڳوٺ نيو ويو جتي سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي. ھوڏانھن سندس والد حنيف ماڇي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گھر جي ڇت اڏڻ دوران ڀت تان اوچتو گارڊر ڪري پيو جنهن سبب معصوم دٻجي فوت ٿي ويو.