روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ابيجاڻو پل وٽان نارا ڪئنال مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ايڌي سينٽر سکر حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته لاش ڳريل آهي، فوتيءَ جون ٻئي ڄنگهون ۽ پاسريون ڀڳل آهن، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿي ويندو، پوليس موجب سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ايڌي سينٽر جي حوالي ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.