ڇور (ن پ ا) ڇور ويجهو نيو مسلم ڪالوني جي مدرسي ۾ امدادي راشن ورھائڻ دوران سڪيورٽي گارڊ ھٿان اتفاقي رپيٽر جو فائر ٿيڻ سبب ھڪ پيرسن 65 سالن جو ٽنڊوالھيار جو رھواسي آدم شيخ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو. جڏهن ته 2 ڄڻا فاروق شيخ ۽ عبدالرحمان سميجو زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي ڇور پوليس پھچي فوتي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال کڻائي وئي، جتي فوتي پيرسن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف مدرسي جي انچارج مولوي يعقوب ڪنڀر ٻڌايو ته مدرسي جي سيڪيورٽي گارڊ کان اتفاقي فائر ٿيڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، ڇور پوليس موجب رات دير سان مدرسي ۾ امداي،راشن ورھايو پئي ويو تـ مدرسي جي گارڊ ھٿان اوچتو فائر ٿيو جنهن ڪري 65 سالن جو پيرسن آدم شيخ مٿي ۾ گولي لڳڻ فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻازخمي ٿي پيا، فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڳوٺ کڻائي ويا آهن. اڃا تائين ڪو ڪيس داخل نه ٿيو آهي فوتي جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.