لکي غلام شاھ (ن پ ا) لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لال کبڙ ماڇي ۾ 7 ورهين جي نينگر اڪرم ولد غلام سرور ماڇي جو گهر ٻاهران پاڻيءَ جي تلاءَ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان نينگر جي پيءُ غلام سرور سولنگي ٻڌايو ته ماني دير سان پچائڻ تي منهنجو زال سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد گهرواري کي سندس مائٽ رسائي پنهنجي گهر وٺي ويا، هن چيو ته منهنجي پٽ اڪرم کي سندس ناني ۽ مامن تشدد ڪري لاش مڇيءَ جي تلاش ۾ ڦٽو ڪيو آهي، هوڏانهن مقتول نينگر جي ماءُ مسمات سلمان ماڇي لکي ٿاڻي تي پهچي دانهيندي چيو آهي ته سندس معصوم پٽ اڪرم کي پنهنجي پيءُ سرور سولنگي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، منهنجو مڙس منهنجي پيءُ ۽ ڀائرن مٿان قتل جو ڪوڙو الزام هڻي پاڻ کي بچائڻ ٿو چاهي ٿو، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ان حوالي سان لکي ٿاڻي جي اي ايس آءِ طالب حسين ميمڻ ٻڌايو ته نينگر جو پيءُ ۽ ماءُ هڪٻئي تي قتل جا الزام هڻي رهيا آهن، مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.