ميرپورخاص (نمائندن وٽان)  ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جي 53 ڪائونسلرن، ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ 88 ڪائونسلرن،53 يونين ڪائونسل  جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سميت ضلعي جي 7 ٽائون ڪاميٽين جي ڪائونسلرن جي حلف برداري جون تقريبون الڳ الڳ منعقد ڪيون ويون، ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبرن جي حلف برداري تقريب ميرپورخاص ۾ ٿي، جتي ڊي سي زين العابدين ميمڻ ميمبرن کي حلف کڻايو، تقريب ۾ پ پ  ايم اين اي منور ٽالپر پڻ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي منور چيو ته بلدياتي ادارن اندر چونڊيل نمائندن کي اختيار ملڻ بعد عوام کي سھولتون ڏيڻ لاءِ مڪاني ادارن کي وڌيڪ سرگرم ڪيو ويندو. ھن چيو ته حلف کڻندڙن کي ھاڻ پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ موجود مسئلن جي نشاندھي ڪري اھي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجن.