ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ضلعي مان مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل نون چونڊيل ضلعي، ميونسپل ۽ ٽائون ميمبرن ۽ يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ميمبرن سميت 312 ميمبرن کي حلف کڻايو ويو آهي ان ڏس ۾ مرڪزي حلف برداري واري تقريب ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي هال مڪلي ۾ ٿي گذري جتي ٺٽي جي ڊي سي غلام فاروق سومرو ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي 40 ضلعي ميمبرن ۽ ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي 9 وارڊن جي 9 ميمبرن سميت 49 ميمبرن کان حلف کڻايو جڏهن ته ساڳئي ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي هال ۾ ٽائون ڪميٽي مڪلي جي 7 وارڊن جي چونڊيل ميبرن ۽ تعلقي ٺٽي جي 16 يونين ڪائونسل نون چونڊيل 16 چيئرمينن، 16 وائس چيئرمينن ۽ 64 يونين وارڊن جي ميمبرن سميت 103 چونڊيل ميمبرن کان اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو انيس احمد عباسي حلف ورتو. ٻئي طرف تعلقي گھوڙاٻاري جي ٻن ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جي 2 وارڊن ۽ ٽائون ڪميٽي ڳاڙهو 3 وارڊن جي ميمبرن سميت 5 ٽاوئون وارڊن ۽ 10 يوسيز 20 چئيرمين ۽ وائيس چيئرمينن ۽  40 يوسيز وارڊ ميمبرن سميت 65 ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٽائون ڪميٽي آفيس گهوڙاٻاري ۾ منعقد ٿي جتي پڻ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو انيس احمد عباسي نون چونڊيل نمائندن کي حلف کڻايو، هوڏانهن تعلقي ميرپورساڪرو جي ٻن ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو جي ٽن وارڊن ۽ ٽائون ڪميٽي گهارو جي 8 وارڊن جي ڪامياب ٿيل وارڊ ميمبرن سميت 11 ۽ تعلقي جي 14 يونين ڪائونسل 28 چيئرمين ۽ وائيس چئرمينن ۽ يوسيز جي 56 وارڊ ميمبرن سميت 95 ميمبرن جي حلف برداري تقريب پولي ٽيڪنڪ ڪاليج گهارو ۾ منعقد ڪئي وئي جتي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو اقبال احمد تنيو نون چونڊيل نمائندن کان حلف کڻايو. ياد رهي ته ضلعي ٺٽي جي 4 تعلقن ٺٽو ، ميرپورساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 يونين ڪائونسلن جي چونڊيل 80 چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن ، 40 يوسيز جي 160 وارڊن جي ميمبرن ، 5 ٽائون ڪميٽين مڪلي ، گھارو ، ساڪرو ، ڳاڙهو ۽ ڪيٽي بندر جي 23 وارڊن جي 23 ميمبرن ، هڪ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي 9 وارڊن جي ميمبرن ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي 40 ميمبرن سميت ضلعي جي 312 مڪاني چونڊن جي چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي . جڏهن ته حلف برداري واري مڪلي ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي ماڻھن جي بحالي واري کاتي بابت خاص مددگار ۽ ضلعي صدر پ پ پ صادق علي ميمڻ، ضلعي جنرل سيڪريٽري پ پ امتياز علي قريشي، ريجنل اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمان آرائين، ضلعي اليڪشن ڪمشنر اظهر حسين ٽانوري، ضلعي آفيسرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.