نواب شاھه (نمائندن وٽان) ضلعي شھيد بينظير آباد ۾60 يونين ڪاؤنسلون ۽ 8 ٽائون ڪميٽيءَ تي چونڊيل اميدوارن قسم کنيو ، ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام شيخ  بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ضلع ڪائونسل جي ميمبرن کي ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ حلف کڻايو، ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ڪائونسل جي 56 ميمبرن کي حلف کڻايو،ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاھه علي شير جمالي پڻ ٽي ايم سي ايڇ ايم خواجه جي يونين ڪميٽي 1 کان 10، ٽي ايم سي اولڊ نواب شاھه يونين ڪاميٽي هڪ کان 9 ۽ يونين ڪائونسل 20 کان 24 جي چونڊيل 24 چئيرمين ۽ وائيس چئيرمين ۽ 92 جنرل وارڊ ميمبرن کي حلف کڻايو، جڏهن ته سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ دوڙ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران پڻ پنهنجي تعلقي جي چونڊيل چئيرمين ، وائيس چئيرمين ۽ جنرل وارڊ ميمبرن کي حلف کڻايو ويو.   ياد رهي ته ميونسپل ڪارپوريشن شھيد بينظير آباد ۾ 2 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن شامل آھن، 1 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن اولڊ نوابشاهه ۾  1 کان 9 يونين ڪاميٽيون شامل آھن جن ۾ 36 وارڊ رکيا ويا آهن، 2 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ايڇ ايم خواجه جنھن ۾  1 کان 10 يونين ڪاميٽيون آھن جن ۾ 40 وارڊ رکيا ويا آهن مجموعي طور تي نوابشاهه  شھر ۾ مجموعي طور تي 19 يونين ڪاميٽيون ۽ 76 وارڊ شامل آھن جنھن تي اميدوار ڪامياب ٿيا،ٻئي پاسي ضلعي ۾ 8 ٽائون ڪاميٽيون شامل آھن، (1) ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ 15 وارڊ (2)ٽائون ڪميٽي شاھپور جھانيان 4وارڊ  (3) ٽائون ڪميٽي قاضي احمد 7 وارڊ (4) ٽائون ڪميٽي دولتپور 5 وارڊ (5) ٽائون ڪميٽي دوڙ 9 وارڊ (6) ٽائون ڪميٽي ڄام صاحب 4 وارڊ (7) ٽائون ڪميٽي بڇيري 4 وارڊ (8)  ٽائون ڪميٽي ٻانڌي