ميرپورخاص(رپورٽر) ضلعي انتظاميا پاران شھر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٺاھيل ڊوائيڊر ديوار کي سينئير وڪيل امان الله سومرو ڊھرائي ڇڏيو، مک مارڪيٽ روڊ بلديه مارڪٽ وٽ ٺھيل ڊوائيڊر ديوار کي وڪيل پاران مزدورن ذريعي ڊھرائي ڇڏيو، اطلاع تي ٽائون ٿاڻي جي پوليس پھچي کيس گرفتار ڪري مٿس ٽريفڪ انچارج محمد فياض جي مدعيت ۾ خلاف قلم 504، 186 ۽ 431 تحت پبلڪ روڊ کي نقصان پھچائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪمن ۾ رڪاوٽ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ٽي ڏينھن اڳ امان الله سومرو فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ھراسمينٽ ۽ تحفظ جي درخواست داخل ڪرائي آھي، جنھن ۾ ٽريفڪ سارجنٽ عبدالحفيظ آرائين، ٽريفڪ جمعدار نصرالله ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آھي.