گهوٽڪي (رپورٽر) رحيم يارخان جي ڊويزن ٿاڻي جي حد مڊ درٻاري ۾ جعلي ڀوپو عورت مٿان تشدد ڪري جِنُ ڪڍڻ واري وڊيو وائرل ٿي آهي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جعلي پير عورت کي مٿي جي وارن کان پڪڙي زوردار ٿڦون هڻي رهيو آهي، جعلي پيري مريدي جي آڙ ۾ عوام کي ڦرڻ لٽڻ وارو ٽولو سرگرم ٿيل آهي، پوليس هن وقت تائين جعلي پيرن کي پڪڙڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.