نوشهروفيروز(رپورٽر) ڀريا سٽي ڀرسان ڳوٺ الھڏتو بالادي ۾ بجلي جو ٿنڀو ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. نوجوان نعمت الله بالادي پنھنجي زمين ۾ ڪريل بجلي جون تارون ھٽائي رھيو ھو ته ڀر وارو بجلي جو ٿنڀو سندس مٿان اوچتو ڪري پيو ٿنڀي ھيٺان اچڻ سبب نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويوئ فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويوئ فوتي نوجوان ٻن معصوم ٻارڙن جو پيءُ ھو. جڏھن ته سندس وني لاش مٿان ھنجون ھاري رھي ھئي. نوجوان جي گھرواري ٻڌايو ته سندس زمين ۾ بجلي جون تارون ڪريل ھيون جن کي ھٽائڻ لاءِ سندس مڙس سيپڪو وارن کي شڪايتون ڪيون پر ڪنھن به نوٽيس نه ورتو جنھن ڪري بجلي جي تارن سبب زمين ۾ ڪم ڪار ڪرڻ مشڪل بڻيل ھو ۽ اڄ سندس مڙس اھي بجلي جون تارون ھٽائي رھيو هو ته سندس مٿان بجلي جو ٿنڀو ڪري پيو ۽ ھو فوت ٿي پيو.