ميروخان ( ن پ ا) ميروخان ويجهو ڳوٺ شاھ بيگ مستوئي ۾ 5 ورهين جو حسين پٽ رياض مستوئي گهر ٻاھران راند کيڏندي پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، لاش تلاءُ مان ڪڍي  گهر آندو ويو ته صدمي ۾ امڙ بيهوش ٿي وئي. وارثن جو چوڻ هو ته حسين علي گهر ٻاهران راند کيڏندي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿيو.